اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو اعتراف آهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽيم جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته رياست جي خاطر سياست جي قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ان جا ثمر عوام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين، فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون پاڪستان جي معاشي بهتري جي حوالي سان اهم آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌنداسين، اميد آهي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
UN bashes Iran’s deadly crackdown on Balochistan oil smugglers
-
COAS appreciates the role of women in bringing honor and glory to the nation
-
Women of Kashmir demands equal rights on Women’s Day
-
ECP set to hear Haider Gilani leaked video case today
-
PM briefed on proposed Ehsaas food stamp programme
-
63 mega corruption cases disposed of out of 179 cases, NAB meeting told
-
Is Yasir Shami going to host a ramzan transmission on Geo?
-
‘Koi Bhooka Na Soye’ : Imran opens meals-on-wheels drive
-
Weekly inflation drops by 0.57pc
-
Covid-19 claims 32 lives, infects 2,664 more people, positivity rate climbs to 6.6% in Pakistan
-
SHO remanded after 7th class student’s death in custody