اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو، ان شرپسند انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست سدائين تشدد ۽ شرپسندي جي ذريعي رياست کي نقصان پهچائڻ جي چوڌاري گهمندي رهي آهي. هن سدائين لاشن تي سياست ڪئي، 9 مئي تي 200 کان وڌيڪ فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيا، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران عمران نيازي جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا جيڪي حملن جون هدايتون ڏيندا رهيا. هن چيو ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊڪوارٽر بڻيل رهيو جتي پيٽرول بم تيار ڪيا ويندا ۽ سياست تي حملي جي تربيت ڏني ويندي رهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ، سائفر ڦڙڪائڻ جي سازش کان وٺي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هن هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگهيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ان شرپسند، انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي.
متعلقہ مضامین
-
No-confidence motion for country, not power: Shahid Khaqan Abbasi
-
SHC issues notices to prosecutor general on Haleem’s bail pleas
-
Wedding halls are not reopening from March 15: NCOC
-
As US mulls Afghan exit, activist sees long fight for women
-
PML-N MPA arrested, booked over slapping lady constable
-
NAVAL CHIEF MEETS MILITARY LEADERSHIP OF UAE
-
US-based MQM-L female activist ‘plans killings to trigger sectarian rift in Karachi’
-
Police seize four truckloads of counterfeit cigarettes, arrest nine suspects
-
Sugar price crosses Rs 100 per kg mark in various cities
-
Japan courageously faced triple disasters in 2011: Ambassador Imtiaz
-
PDM divided over choice of opposition leader in Senate
-
School building turned into cattle shed