اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ”اوڀر يروشلم سميت والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جي پاليسين ۽ طرز عمل سان پيدا ٿيندڙ قانوني نتيجن“ تي انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو واضح طور تي ثابت ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جون غيرقانوني پاليسيون ۽ طرز عمل فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احترام ڪرڻ جي ذميواري جي خلاف ورزي آهن ۽ اهو ته اسرائيل جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي کي ختم، غيرقانوني آبادڪاري جون سرگرميون بند ۽ ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪري. پاڪستان جولاءِ 2023ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ جواب به ڏنو هو. پاڪستان فيبروري 2024ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت پاران ڪيس تي ٿيندڙ زباني عوامي ٻڌڻي ۾ پڻ حصو ورتو هو. پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطينين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي غيرقانوني حيثيت کي اجاگر ڪيو. بيان موجب پاڪستان عدالت جي مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت جي اها رولنگ اسرائيلي قبضي جي خاتمي، فلسطينين جي نه کسجڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو جيڪو 1967ع جي سرحدن موجب ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
متعلقہ مضامین
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
QAU continues to improve global rankings
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
PM wants US-like electronic voting system in next polls
-
Ehsaas program dedicated to foster full participation of women in society: Sania Nishtar
-
Imran Khan has right to rule till 2023: Governor
-
38 people including 23 college students booked for attacking passenger bus in Bahawalnagar
-
Disintegration of India under Modi
-
South Africa keen to deepen relations with Pakistan: envoy
-
Pakistan stresses gender equality to accomplish SDGs
-
Teenage girl raped, filmed at gunpoint in Okara