اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو نائله ڪياني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نائله ڪياني کي ويجهڙائي ۾ دنيا جي پنجين وڏي چوٽي مڪالو سر ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ هن کي تعليم بابت پاڪستان ۾ اعزازي سفير ، جبل چاڙهو جي شعبي جي ترقي ۽ ان حوالي سان پيشيوراڻي تربيت جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هر شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته نائله ڪياني جو پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو جي حيثيت سان 8 هزار ميٽر کان بلند 11 چوٽيون سر ڪرڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نائله ڪياني وزيراعظم جو ملڪ ۾ عورتن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو. نائله ڪياني وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جبل چاڙهو جي شعبي ۾ خصوصي تربيت، هنر ۽ پيشيوراڻي تعليم جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي انهن تجويزن تي عملدرآمد لاءِ هڪ جامع لائحه عمل بڻائي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
QAU continues to improve global rankings
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
PM wants US-like electronic voting system in next polls
-
Ehsaas program dedicated to foster full participation of women in society: Sania Nishtar
-
Imran Khan has right to rule till 2023: Governor
-
38 people including 23 college students booked for attacking passenger bus in Bahawalnagar
-
Disintegration of India under Modi
-
South Africa keen to deepen relations with Pakistan: envoy
-
Pakistan stresses gender equality to accomplish SDGs
-
Teenage girl raped, filmed at gunpoint in Okara