مونٽريال- 07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق مونٽريال ۾ حياتياتي موضوع تي مذاڪري کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان جي بي قابو ۽ غير مساوي معاشي ترقيءَ جي بُک انسانيت کي ڌُٻڻ جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هن انهن وڏن ڪاروبار ادارن کي تنقيد جو نشانو بنايو جيڪي پنهنجي منافعي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، جن سان ڪائنات جو توازن بگڙي رهيو آهي. هن وقت جانورن جا 10 لک قسم ختم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن، هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين جو معيار خراب ٿيو آهي ۽ تيزيءَ سان زرخيزي وڃائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان نيچر کي هڪ ٽوائليٽ طور استعمال ڪري رهيا آهيون. ڪيميڪلز، پلاسٽڪ ۽ فضائي گدلاڻ انسانيت کي شديد خطرن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 7 کان 19 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا گڏ ٿيا آهن ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ادا ڪري رهيا آهن. پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم انتونيو گوتريش 2017ع ۾ گڏيل قومن جو عهدو سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين موسمياتي تبديليءَ جي ماحول جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندو رهيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
FIR registered against UAF ex-VC, registrar
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
PM hopes Afghan leadership to work together for peace
-
PM’s UNGA speech ranked top in viewership of UN’s YouTube channel
-
IHC fixes Kulbhushan Jadhav case hearing for Oct 6
-
China’s maize-soybean strip intercropping technology yields results
-
Javed Iqbal reviews NAB’s monthly performance
-
PPP’s Nayyar Bokhari tests positive for coronavirus
-
Two terrorists killed, one arrested in North Waziristan
-
PML-N’s show in Lahore flopped: Shahzad Akbar
-
Experts for creating awareness on issues like child abuse, neglect
-
PM Imran expresses displeasure over sedition case against Nawaz Sharif: Fawad Chaudhry