اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي سطح تي هڪ ٺوس، موثر ۽ معياري ذهني ۽ نفسياتي صحت جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت ۽ ڀلائي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي هڪ ٺوس ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي حصيداري ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري، نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽرڪ سوسائٽي سميت ٻين تنظيمن جي نمائندن کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دماغي صحت ۽ تندرستي بابت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ۽ نجي شعبي ۾ قدم کنيا ويا آهن، سمورن وسيلن ۽ قدمن کي هڪ قومي هيلپ لائين ٺاهڻ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته دماغي صحت فراهم ڪندڙ ادارن ۽ پروفيشنلز جي ڊيٽابيس ٺاهي وڃي، پاڪستانين جي ذهني ۽ نفسياتي صحت تي سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ حصيداري جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پهرين قومي ذهني صحت جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ شروع ڪرڻ جي لاءِ 45 ملين رپين جي مالي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ نوان رستا ڳوليا وڃن، هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ فعال ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طور تي ٺوس آگاهي مهم هلائڻ گهرجي. صدر قومي ذهني صحت جي هيلپ لائين جو ماڊل تيار ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. هن چيو ته ايڇ اي سي، يونيورسٽين ۽ تدريسي اسپتالن کي دماغي صحت جي تعليم ۾ داخلا جي حوصلا افزائي جي لاءِ اضافي سيٽون پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن معاشري ۾ ذهني صحت جي وڌندڙ مسئلن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نفسياتي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ تيار ڪري سگهجن. هن چيو ته نيشنل هيلپ لائين جي انتظاميا آخري سال جي شاگردن کي نفسياتي شعبن ۾ ڇهن مهينن جي انٽرنشپ جي لاءِ شامل ڪرڻ تي پڻ غور ڪري سگهي ٿي ته جيئن هيلپ لائين جو استعمال ڪندڙ مريضن کي مشاورت فراهم ڪري سگهجي. صدر گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ خودڪشي جي بلند شرح جو نوٽيس وٺندي چيو ته ايتري وڌيڪ شرح جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ هڪ جامع مطالعو ڪرڻ ۽ ان رجحان کي روڪڻ جي لاءِ اڳ ۾ مشاورت ۽ تدارڪ جو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان رجحان جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا گناراٿنا مهيپالا وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي بنيادي، ثانوي ۽ اعليٰ صحت جي ادارن کي ٺوس نظام جو حصو بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو منصوبي کي شروع ڪرڻ جي لاءِ 50 لک رپين جي شروعاتي رقم فراهم ڪندو. صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته معاشري ۾ ذهني صحت جي بهتري لاءِ هڪ پائيدار پروگرام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سطح جي ذهني صحت جي هيلپ لائين جو ماڊل تيار ڪرڻ ۾ صدر جي رهنمائي ۽ ڪميٽي جي ڪوششن تي ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Man found dead in Karachi identified as retired army officer
-
Public officers trained on international human rights obligations
-
AC accepts Hamza Shehbaz’s exemption plea in Ramzan Sugar Mills case
-
76 cases of ‘enforced disappearances’ disposed of in September
-
Ex-Karachi corps commander’s body found in city’s DHA area
-
Mountain Cycling at Malam Jabba
-
Arif Alvi for developing a centralised national database on all diseases
-
Court grants bail to Nehal Hashmi, sons in police assault case
-
CM Murad urges Ulema to promote sectarian harmony