اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهاز شامل ٿيڻ سان پاڪ فضائيه ڀارتي تڪبر کي هڪ دفعو ٻيهر مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، ڀارت رافيل جهاز حاصل ڪري برتري جي دعويٰ ڪئي هئي، پاليسي جا فيصلا پارليامينٽ ۽ حڪومت جو اختيار آهي، اسان جي خواهش آهي ته سياسي صورتحال جلد کان جلد ۽ 23 مارچ جي تقريب کان اڳ ختم ٿئي، پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي آهن ۽ اسان اتحادين جهڙي ئي سوچ رکون ٿا، پيڪا آرڊيننس تي چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهه ٿي آهي، حڪومتي اتحادي جلد وزيراعظم کي اعتماد جو باضابطه اعلان ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چوڌري ??ائرن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته رافيل جهاز حاصل ڪري ??ارت برتري جي دعويٰ ڪئي هئي، جي 10 سي جي پاڪ فضائيه ۾ شموليت سان اها برتري پاڪ فضائيه کي حاصل ٿي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قانو?? تي اسان چوڌري پرويز الاهي کي درخواست ڪئي هئي ته هو پيڪا قانون جي حوالي سان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري ۽ ڏسي ته ان ۾ ڪهڙي بهتري آڻي ??گه??ي ٿي ۽ هاڻي اسان ان سان ملاقات ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ صبح اخباري مالڪن سان به اسان جي ملاقات ٿي ۽ چوڌري صاحب سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسان ان معاملي کي جامع طريقي سان اڳتي وٺي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي سان سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ا?? تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي آهن ۽ اسان اتحادين جهڙي ئي سوچ رکون ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل ۾ جيڪي به وڏا فيصلا ٿيڻا آهن ا?? تي مسلم ليگ (ق) ۽ پي ٽي آءِ هڪ ئي پليٽ فارم تي آهن ۽ جيڪي خدشا آهن اهي ڪافي حد تا??ين ختم ڪري ??ڏيا آهن ۽ باقي به ختم ڪري ??ڏينداسين ۽ بي اعتمادي جو اجلاس گهرائڻ کان اڳ سمورا اتحادي وزيراعظم تي اعتماد جو باضابطه اعلان ڪري ??ڏيندا جنهن سان موجوده صورتحال ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته 23 مار?? تي تقريبن 40 کان وڌيڪ ملڪن جا پرڏيهي وزير، 200 کان وڌيڪ وفد ۽ ٻين اهم ملڪن جا پرڏيهي وزير پاڪستان اچي رهيا آهن، اسان چاهيون ٿا ته اها سياسي صورتحال ان تقريب کان پهرين ختم ٿي وڃي ۽ اميد آهي ته اتحادين پاران وزيراعظم تي اعتماد جو باضابطه اعلان جلد ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) حڪومت سان گڏ آهي، هو ڪابينا جو حصو آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ هڪ انار سئو بيمار وارو حاصل آهي، انشاءُ الله سڀني کي مطئمن ڪنداسين ۽ توهان ڏسندا ته معاملو افهام و تفهيم سان حل ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته عليم خان جي ترجمان لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات جي ترديد ڪري ??ڏي آهي، عليم خان ۽ جهانگير ترين کي اسان پي ٽي آءِ جو حصو تصور ڪريون ٿا ۽ جيڪو به فيصلو ٿيندو پي ٽي آءِ جي حق ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فوج ۽ حڪومت ڌار ناهن هونديون، آئيني اسڪيم ۾ فوج حڪومت ۽ ايگزيڪيٽو جو حصو آهي ۽ ا?? تي ڪا به ٻٽي راءِ نه آهي، هن چيو ته هن وقت جيڪا سياسي سرگرمي آهي اها صرف عدم اعتماد جي ڪري نه پر 2023ع جي عام چونڊن ۽ ان کان اڳ بلدياتي چونڊن جي ڪري آهي.
متعلقہ مضامین
-
Mayor inspects rainwater drainage as Karachi braces for more rain
-
DIG assures justice after police assault on elderly citizen in Saddar
-
امارٹل وے گلوو انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ کا تعارف
-
Rains continue to wreak havoc
-
Pakistan takes up RAW operations with India
-
Turkey opens doors for Pakistani graduates, offers scholarships
-
Eid holidays: SBP asked to ensure cash availability at ATMs
-
Pakistan, India have nothing to gain by war: Pak High Commissioner to India
-
Ban imposed on Illegal use of loud-speakers
-
Philip Morris admits to illegal production at unregistered cigarette factory
-
Data analysis for effective border management
-
Electronic City Entertainment Official App - تفریح کی نئی دنیا