اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. سريلنڪن وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري اروني وجيورد جڏهن ته پاڪستان پاران پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورتي اجلاس خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جڏهن ته ڳالهه ٻولهه ۾ خاص طور تي واپار، اقتصادي تعاون، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، ثقافت، ميڊيا، راندين، گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ قونصلر معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مشاورتي اجلاس ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي پاڙيسري خطن ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائنامڪس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين زراعت، صحت، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جو فيصلو ڪيو. هن ان ڳالهه کي پڻ ساراهيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڪيترن ئي عالمي مسئلن تي اتفاق راءِ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
IT minister meets the 15 year-old Karachi boy who developed a WhatsApp like app
-
Foreign Minister’s interaction with European Envoys based in Pakistan
-
Panic grips Punjab University after unidentified gunmen open fire
-
Friendly cricket match held at COMSATS cricket ground
-
Joint Pak-Japanese efforts against disasters stressed
-
Book on Sufism reviewed
-
ECC approves Ramadan Relief Package worth 7.5 billion
-
PM directs federal secretaries to visit Balochistan every month
-
CJP remains unhurt in car accident: SC
-
30 PHP employees regularized after 6 years of delay