اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف 26 هين آئيني ترميم جي منظوري کي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو انتهائي شاندار مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم سان محلاتي سازشن جو عهد ختم ٿيو آهي ۽ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب پورو ٿي ويو، آئيني ترميم جي ذريعي جمهوريت جي مٿان خطرا ختم ٿي ويا آهن، پارليامينٽ جي ا??در اڳواڻن ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، آئيني ترميم پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، ملڪ جو مستقبل مضبو?? ۽ ??حفوظ هوندو، ترميم سان لکين ماڻهن کي ا??صاف حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. قومي اسيمبلي مان 26هين آئيني ترميم جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري کانپوءِ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ پارٽين جي سربراهن جي سيٽن تي وڃي سندن ٿورا مڃڻ کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي و??ير??عظم چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي ۽ قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو اعليٰ مثال آهي. اڄ هڪ نئون سج اڀرندو ۽ نئين صبح ٿي آهي. ماضي ۾ محلاتي سازشن جي ذريعي چونڊيل و??ير??عظمن کي گهر موڪلڻ جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويو آهي. ان آئيني ترميم سان انصاف حاصل ڪرڻ آسان ۽ عام ماڻهو کي ا??صاف جي فراهمي ۾ دير نه ٿيندي. و??ير??عظم چيو ته اڄ 2006ع ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيندڙ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب تڪميل تي پهتو آهي، اڄ ڪنهن منحرف ميمبر ان ترميم جي حق ۾ ووٽ ناهي وڌو، اسان تي طرح طرح جا الزام هنيا ويا، اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ بالادست آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پاناما جي نالي تي ا??امي جي بنياد تي هڪ و??ير??عظم کي نااهل قرار ڏنو ويو. هن صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي و??ير??عظم نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، چوڌري سالڪ حسين، عبدالمالڪ بلوچ، اعجاز الحق، خالد مگسي، عبدالعليم خان سميت آئيني ترميم جي حمايت ڪندڙ سمورن اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙي ترميم سان ملڪ جو مستقبل محفوظ ٿيندو. هن بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت ۽ ميان نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان جو بنياد رکيو. و??ير??عظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ا?? ترميم جي لاءِ بي پناهه محنت ڪئي، مولانا فضل الرحمان پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ ان تي پنهنجو موقف ڏنو. هن نائب و??ير??عظم، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير کي پڻ مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف به ان ترميم ۾ شامل ٿئي ها ته سٺو هو. هن اسپيڪر ۽ سندس اسٽاف جا به ٿورا مڃيا. و??ير??عظم سمورن قومي اسيمبلي جا ٿورا مڃيندي ا?? ترميم کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Hajj registration deadline extended amid flood crisis
-
Sindh announces ‘pink EV motorcycles’ for female students, working women
-
UNSC slams terror attack on Jaffar Express
-
لائیو ڈیلر آفیشل تفریحی لنک: آن لائن کھیلوں میں نئے دور کا آغاز
-
جنگل فن تفریحی سرکاری ویب سائٹ پر خوش آمدید
-
MG الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ - قابل اعتماد آن لائن گیمنگ پلیٹ فارم
-
ECP to hear reference against PM Nawazs son-in-law today
-
Imran’s sit-ins politics disappoints followers
-
Free medical camp for bus, truck drivers
-
بک آف دی ڈیڈ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
گورنر آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
ٹیبل گیمز آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ