اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگناهه فلسطينين ??ي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪندي گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين ??ي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي فلسطيني شهرين ??ي خلاف اسرائيلي جارحيت تي شديد ڳڻتي آهي جنهن ۾ عورتن، ٻ??رن ۽ بزرگن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان يروشلم سميت سمورن والاريل عرب علائقن مان ا??رائيل جي مڪمل انخلا سان گڏوگڏ فلسطينين ??ي لاءِ هڪ آزاد ملڪ قائم ڪرڻ جو حامي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف جي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري تقريب دوران ڪيو. اردن جي نامزد سفير ڊاڪٽر مين ??ي ايم خرياسات، هولي سي جي نامزد سفير آرچ بشپ جرمنو پينيموٽ اپوسٽولڪ نونسيو، جمهوريه چيڪ جي نامزد سفير لاڊيسيلا وسٽين هوبل، برونائي دارالسلام جي نامزد هاءِ ڪمشنر ڪرنل (ر) پنگيرن حاجي ڪمال باشا ۽ پاڪستان ۾ قطر جي نامزد سفير علي مبارڪ الخاطر صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي پنهنجي سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ بعد ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان فلسطين ??ي صورتحال تي گهري نظر رکي آهي ۽ فلسطيني عوام جي ناقابل تنسيخ حقن جي بحالي چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن عرب اسرائيل تڪر??رن جو ٺوس حل چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي آهي، جنهن پاڪستان جي آءِ ٽي، ڪارپوريٽ فارمنگ، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪئي آهي. صدر ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين کي پڻ اجاگر ڪيو. صدر سفيرن کي انهن جي نئين ??ميوارين ??ي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.
متعلقہ مضامین
-
Ahsan urges university-industry cooperation to boost economy
-
ACARI 2025 held
-
Polio eradication drive to begin on Apr 21
-
Bus catches fire on motorway; driver died, 43 passengers rescued
-
CM orders prioritizing public-centric road projects to boost connectivity
-
مالا ریوارڈز آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
Opponents doing politics on hollow slogans: PM
-
Interior Ministry told not to appoint civil servants to contract posts
-
Shah unhappy over poor state of SCH
-
Imran emphasises spending on wellbeing of masses
-
Bandits pose as passengers to rob highway travellers
-
جنوب مشرقی آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ