اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا وزير ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي دائري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ تي روشني وجهندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وسيع پئماني تي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين ايندڙ 5 سالن ۾ بطرفي واپار جو ڪاٿو 10 ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خطري سميت گڏيل چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. صدر ابراهيم رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي شديد مذمت ڪندي فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ غزه جي گهيريل عوام جي لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشميري عوام ۽ ان جي جائز حقن جي لاءِ ايران جي واضح ۽ اصولي حمايت تي ايراني قيادت خاص طور تي سپريم ليڊر آيت علي خامنه اي جي موقف کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
British diplomat visits maternity clinic
-
What are the demands of women participants of Aurat March 2021?
-
Court dismisses bail pleas of accused in female student death case
-
PTI govt will complete its constitutional term: Buzdar
-
TME celebrates International Women’s Day
-
Provision of essential items at fair prices govt’s top priority: PM
-
Five BLA terrorists gunned down in Mastung
-
RCCI organizes Digital Transformation Conference VISION 2025
-
Allies repose confidence in Imran Khan’s leadership