اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيليفون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ايران کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم ايراني صدر سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو جڏهن هنن مئي 2023ع ۾ گڏيل طور تي هڪ سرحدي مارڪيٽ ۽ بجلي جي پهچ لائين جو افتتاح ڪيو هو. هن واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي ايران جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران فلسطين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني سفير وزيراعظم جا استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. هن ايران جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
A Woman of Great Substance
-
Speaker Punjab Assembly summons DC Faisalabad for ignoring his directives
-
Women rights NGO DESSI International observed International Women’s Day 2021 at Larkana
-
TEVTA signs MOU to train & employ 5000 women in South Punjab on International Women’s Day
-
Shut your mouth and focus on cricket: PML-N’s Hina Butt lashes out at Hafeez
-
Firdous seeks media’s support against horse-trading
-
IG Punjab directs Police to expedite progress on pending summaries of Police Department
-
Uzbek FM due in Islamabad today
-
Murtaza Wahab inaugurates 30 KW solar energy plant at Karachi University