اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان خاتموي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم گهرو وزارت کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ صوبائي دهشتگردي جي خاتمي وارن ادارن جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ صوبن سان تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي سيڪيورٽي خاص طور تي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاسن جو هر مهيني پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سيڪيورٽي ايس او پيز جي باقاعدگي آئوٽ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي بڻائڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزارت اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي مجموعي امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
British diplomat visits maternity clinic
-
What are the demands of women participants of Aurat March 2021?
-
Court dismisses bail pleas of accused in female student death case
-
PTI govt will complete its constitutional term: Buzdar
-
TME celebrates International Women’s Day
-
Provision of essential items at fair prices govt’s top priority: PM
-
Five BLA terrorists gunned down in Mastung
-
RCCI organizes Digital Transformation Conference VISION 2025
-
Allies repose confidence in Imran Khan’s leadership