اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي قيادت ۾ وفد نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جو دورو ڪيو جتي اين آءِ ٽي بي جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي ۽ سندس ٽيم وفد جي آجيان ڪئي. ان دوري ۾ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او بابر مجيد ڀٽي آپريشنز بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني. وفد ڊيٽا سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. اين آءِ ٽي بي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي امڪاني شعبن ۾ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن گڏيل ڪوششن جو مقصد ٻنهي ادارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ فائدمند بڻائڻ آهي. ان موقعي تي جي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ۽ جي ٽو سي تي پڻ تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دوري جي موقعي تي مختلف ادارن جي لاءِ ٺاهيل ڊيولپمينٽ ايپليڪيشنز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ايپليڪيشن جي استعمال جو طريقو پڻ ٻڌايو ويو. دوري جي موقعي تي ٻنهي ادارن مستقبل ۾ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
Foreign Minister’s Message on International Women’s Day 2021
-
Bribe offers being made to PTI senators for chairman’s election
-
Cabinet approves amendment bill to grant more autonomy to SBP
-
Cuban biotech firms want investment in Pakistan: Ambassador
-
President for modernising beekeeping to boost yield, export
-
Gilgit-Baltistan declared Pakistan’s only corona-free region
-
Textile exporters outcry cotton crisis
-
South City Hospital and Services Hospital Karachi unite in the war against COVID-19
-
Covid vaccination centre opens at Red Crescent Corona Hospital
-
Pak-China literary corridor to bring two nations closer