ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني نوجوانن کي ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن، هاڻي پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته خوشحال، مضبوط ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جي لاءِ اسان جو نوجوان نسل هر شعبي ۽ محاذ تي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ خوشنصيب ملڪ آهي ته ان جي 63 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 15 کان 33 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو اسان جا نوجوان آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نوجوانن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي ان حوالي سان وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو موقعو نه وڃايو. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقارع لي ڀ ٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ نوجوانن کي جيتريون نوڪريون ڏنيون، ان کان اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو هو. قائد عوام ته نوجوانن جي هڪ وڏي انگ کي دوست ملڪن ۾ پڻ روزگار ڏياريو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت ته هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ”بينظير ايندي، روزگار ڏيندي“. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ آخري ڀيرو سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوامي حڪومت ۾ مليا هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ جي نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان مڪمل طور تي آگاهه آهي، نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگا جي موقعن جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته نوجوان مايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي محنت ڪنداسين نوجوانن جي لاءِ معياري تعليم ۽ روزگار کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪوڙا واعدا نه ٿا ڪريون، جيڪي واعدا ڪريون ٿا اهي پورو به ڪري ڏيکاريون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم (Skills for Youth: Towards a Sustainable World Green) جي پڻ حمايت ڪئي ۽ زور ڏنو ته پاڪستاني نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته اسان جو ملڪ موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.
متعلقہ مضامین
-
Man acquitted after languishing 14 years in jail for lack of evidence
-
SHC seeks comprehensive report in Havelian plane crash
-
Two PIA officers arrested in fake degrees scam
-
17 police officials involved in PARCO oil theft scam
-
Universities must help building disability-inclusive society: Dr Zakar
-
SBP foreign reserves fall $305m to $13.1bn
-
5 NOCs for new cement plants issued & 5 in pipeline: Aslam
-
PDM endangering people’s lives by holding rallies: CM Buzdar
-
CNC visits Turkish Naval Shipyards
-
PM urges society to fight jointly against drugs
-
Pakistan looks to new tech to curb crop burning and cut smog
-
PM follows no one on Twitter now; only two on Instagram