اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافي برادري کي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي لاءِ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪس ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊ) جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ افضل بٽ، ارشد انصاري، ناز آفرين سهگل، سرمد علي، شهاب زبيري، شڪيل مسعود، اعجازالحق، ڪاظم خان، اياز خان ۽ اظهر عباس شامل هئا. صدر ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ، پيمرا قانون ۾ ترميمون متعارف ڪرائڻ تي ميڊيا برادري جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سرڪاري اشتهارن کي اليڪٽرانڪ ميديا ملازمن جي رهتن جي ادائيگي سان ڳنڍڻ سان انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. صدر وفد سان قانونسازي جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ترميمي بل موجوده ميڊيا قانون ۾ بهتري آندي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ميڊيا رضاڪاراڻي طور تي نوجوانن کي فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن بابت آگاهه ڪري، نوجوان فيڪ نيوز سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ٻارن کي خاص طور تي فيڪ نيوز جي اثرن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ميڊيا خاص طور تي سينيئر صحافي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان رابطا وڌائين، سينيئر صحافي صحافت جي ميدان ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائين بابت شاگردن کي آگاهه ڪن. صدر معاشري ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي آزاداڻي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميديا جي نئين شڪلين خاص طور تي سوشل ميڊيا جي حرڪيات کي سمجهڻ گهرجي، ميڊيا جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اخلاقيات، سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ تعميري استعمال بابت ٻڌائي. وفد صدر کي نئين بل جي مختلف شقن بابت ٻڌايو. هن چيو ته ترميمي بل سان صحافي برادري سان گڏوگڏ ميڊيا ملازمن کي فائدو ٿيندو. وفد صدر پاران حمايت، ميڊيا ڪميونٽي کي درپيش مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Hospitals full as second wave of virus grips Pakistan
-
Pakistan’s first transgender lawyer goes from begging to fighting in court
-
Squash League to help project Balochistan’s image: CM
-
Next OIC CFM meeting to be held in Pakistan: FM
-
Pakistan, China sign MOU to enhance defence cooperation
-
OGRA notifies Rs1.93 per kg increase in LPG prices for December
-
WHO to continue support Pakistan in fight against HIV
-
Shehbaz, Hamza urge Punjab govt to extend release on parole
-
LHC seeks report on wheat, sugar price hike
-
SC seeks record of 10 Billion Tree Tsunami project
-
Senior Afghan Taliban leader arrested from Quetta
-
NAB approves inquiries against Dar, others