اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان باڪو ۾ آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير النور ممدوف سان پاڪستان آذربائيجان ٻطرفي سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پرڏيهي سيڪريٽري آذربائيجان جي ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳالهين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياحت، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باضابطا شروعات بابت هڪ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.
متعلقہ مضامین
-
Govt moves to bring back Nawaz Sharif
-
ANF seized 1917.85 Kgs Drug’s and arrested 15 person’s & intercepted 7 vehicles during search operations: DG ANF
-
Opposition seeks formation of Senate panel to probe ‘Karachi incident’
-
Extremists’ threats force IBA to cancel Dr Atif Mian’s lecture
-
Bilawal promises to make GB constitutional province
-
Pakistan to remain on FATF grey list: FATF urges Pakistan to complete action plan by Feb 2021
-
PM urges Mark Zuckerberg to ban Islamophobic content on Facebook
-
Event Honoring Dr. Saeed Shafqat at FCCU
-
Economy fast improving as country back on path to recovery: president
-
Azerbaijan supports Pakistan’s stance on Kashmir dispute
-
Imran Khan to serve as prime minister till 2028: Fawad
-
CTD busts terror module in Ranjanpur, arrests five ‘terrorists’