جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان تباهين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي، ٻوڏ جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيلئينٽ پاڪستان جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو گهڻو علائقو اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ قدم اڃا جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان م هر 7 مان هڪ شخص ٻوڏ کان متاثر ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪندڙ ملڪن جا ٿڳورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ عالمي دنيا پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿي آهي، آئنده قدرتي آفتن کان بچڻ جي لاءِ پاڪستان هڪ فريم ورڪ ٺاهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ ملڪ جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کانسواءِ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ عاليم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Haseena Moin to write a special web-series on breast cancer awareness for the RINSTRA platform.
-
Buzdar orders authorities to hold revenue-specific open courts
-
Shibli holds PML-N govt responsible for economic difficulties of people
-
Flour prices go up by Rs 2 per kg in Lahore
-
Nawaz trying to ‘blackmail’ institutions to get relief: govt
-
PM orders formulation of roadmap to overcome stunting among children
-
Record police encounters fail to deter robbers in Faisalabad
-
Court orders Suleman Shahbaz be declared an absconder
-
New Delhi merely ‘doing politics’ on Kulbhushan Jadhav issue, IHC told
-
Ex-Sindh governor offers ‘surrender’ in sedition case
-
Opp lacks moral ground to launch anti-govt movement: Shibli