اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت مشترڪه عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن پارلياماني اقتصادي ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانونسازي ۾ سپورٽ لاءِ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، ٻارن لاءِ انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت خاص ڪري قانونسازي جي شعبي ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دولت مشترڪه جي قانونسازي جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت مشترڪه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه جون دولت مشترڪه ۾ شامل ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه کي هميشه اهميت ڏني آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني فورمز جي سربراهن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
No-confidence motion for country, not power: Shahid Khaqan Abbasi
-
SHC issues notices to prosecutor general on Haleem’s bail pleas
-
Wedding halls are not reopening from March 15: NCOC
-
As US mulls Afghan exit, activist sees long fight for women
-
PML-N MPA arrested, booked over slapping lady constable
-
NAVAL CHIEF MEETS MILITARY LEADERSHIP OF UAE
-
US-based MQM-L female activist ‘plans killings to trigger sectarian rift in Karachi’
-
Police seize four truckloads of counterfeit cigarettes, arrest nine suspects
-
Sugar price crosses Rs 100 per kg mark in various cities
-
Japan courageously faced triple disasters in 2011: Ambassador Imtiaz
-
PDM divided over choice of opposition leader in Senate
-
School building turned into cattle shed