اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 37 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ 03 لک 9 هزار 800 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک هڪ هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک هڪ هزار ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 3 لک 96 هزار 100 ۽ پاڻي جو ڇوڙ 3 لک 96 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 29 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو نيڪال 10 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 76 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 49 هزار 300 ڪيوسڪ آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1536.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.971 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1205.55فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.613 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 641.00 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.043 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Covid-19 claims 2 more patients, infects 189 others
-
Pakistan takes India to task at UN for human rights abuses
-
Foreign Minister’s Message on International Women’s Day 2021
-
Bribe offers being made to PTI senators for chairman’s election
-
Cabinet approves amendment bill to grant more autonomy to SBP
-
Cuban biotech firms want investment in Pakistan: Ambassador
-
President for modernising beekeeping to boost yield, export
-
Gilgit-Baltistan declared Pakistan’s only corona-free region
-
Textile exporters outcry cotton crisis
-
South City Hospital and Services Hospital Karachi unite in the war against COVID-19
-
Covid vaccination centre opens at Red Crescent Corona Hospital
-
Pak-China literary corridor to bring two nations closer