ڪراچي-03 جنوري (اي پي پي) پاڪستان نيوي فليٽ جي سالياني ايفيشنسي ڪامپيٽيشن پريڊ پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اها تقريب پاڪ بحريه جي بحري جهازن، آبدوزن ۽ هوائي جهازن لاءِ پيشيوراڻي طور تي ڪامياب ۽ اهم آپريشنل سال جي پڄاڻيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. ڊاڪيارڊ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب مهمان خاص جي آجيان ڪئي ۽ چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. چيف آف دي نيول اسٽاف پنهنجي خطاب ۾ پاڪ بحريه جي فليٽ جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو. هن 2024ع جي آپريشنل مقصدن ۽ هدفن کي ڪاميابيءَ سان حاصل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ لڳن جي تعريف ڪئي. ايڊمرل نويد اشرف ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ پاڪستان جي سي لائنز آف ڪميونيڪيشن جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي فليٽ جي خدمتن کي ساراهيو. نيول چيف اسٽريٽجڪ ميري ٽائيم زون خاص طور تي گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جي ميري ٽائيم سان لاڳاپيل منصوبن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن تي روشني وڌي. ٻي طرف هن خطي ۾ اُڀرندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ماحول جو به ذڪر ڪيو جنهن جي پيش نظر پاڪ بحريه کي هميشه پنهنجي بحري سرحدي جي دفاع لاءِ تيار رهڻ ضروري آهي. ٻئي پاسي پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ گذريل سال دوران پي اين فليٽ جي اپريشنل ڪاميابين تي روشني وڌي. هن ٻُڌايو ته پاڪ بحريه جي فليٽ سڄو سال جنگي تيارين جي اعليٰ معيار کي برقرار رکيو جڏهن ته بحري جهازن ملڪي ۽ـ پرڏيهي سمنڊن ۾ ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخ مشقن ۾ حصو ورتو. تقريب دوران پاڪ بحريه جي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اسڪواڊرنز ۽ يونٽس کي ايفيشنسي ايوارڊ ۽ ٽرافيون پيش ڪيون.
متعلقہ مضامین
-
World powers should stop Israeli aggression against Palestinians: Farrukh Habib
-
Probe catches Faisalabad police investigators napping
-
Sindh professors’ forum voice concerns over transfers, highlight rising corruption in education dept
-
Pakistan condemns extra-judicial killing of two more innocent Kashmiris in IIOJK
-
Turkish President praises for Pakistan’s unflinching support to Palestinians
-
LHC seeks reply from govt over Shehbaz Sharif’s contempt plea
-
PBC condemns Israeli attacks on Palestinian people
-
Mushahid suggests flotilla of ships with food, medicines for encircled Gaza
-
PTI senator Saifullah Abro’s brother sent to jail in Larkana
-
Pakistan will go bankrupt if Imran Khan completes tenure, fears Bilawal Bhutto
-
PM Imran inaugurates K-2 nuclear power plant
-
May 21-Kashmir Martyrs Day