اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي جنهن تحت گذريل ڏينهن هڪ لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن سان آبادگارن کي سستي بجلي ملندي. وزيراعظم چيو ته ان قدم سان زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت هائي پاور ٽيرف سان ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ پاور پلانٽس کي تبديل ڪرڻو پوندو، مهانگي ٻارڻ سان هلندڙ پاور پلانٽس عوام تي بار ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جو سبب آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن منصوبي تي 377 ارب رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو ته سولر، نيوڪليئر ۽ ڪول پاور منصوبن کانسواءِ مخلوط حڪومت هائيڊرو پاور منصوبن جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو آهي، اسان ڀائر ملڪ سعودي عرب کي ديامير ڀاشا ڊيم ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Auction of plot: ‘favouritism’ inflicts Rs 10bn loss to CDA
-
UAE suspends new visas for Pakistan due to ‘security concerns’: report
-
Attention called for role of Media in Polio Eradication
-
President proposes ‘trade triangle’ of Pakistan, China & ASEAN for win-win prosperity
-
PM asks opposite parties to cancel their rallies ahead of Multan jalsa
-
81 Pakistanis named in top 2% scientists across the globe
-
Pakistan a major world player due to its foreign policy: Faraz
-
Pakistan takes up visas issue with UAE
-
CASS CONVERSATIONS WITH AMBASSADORS
-
Support to Palestinians cardinal pillar of Pakistan’s foreign policy: Munir
-
National positivity ratio hits 8.5%; 2,046 patients critical
-
FBR surpasses July-Nov revenue target by Rs19bn despite pandemic