اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي 10 سالن جي تقريبن تحت پاڪستان ۽ چين ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي 6 ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. انهن معاهدن تي صحيحون وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ هڪ تقريب دوران ڪيون ويون. واضح رهي ته چين جو نائب وزيراعظم ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان اچي چڪو آهي. جتي هو سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شريڪ آهي. ان حوالي سان تقريب جو خصوصي اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيني نائب وزيراعظم، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ مختلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ چين جي اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سي پيڪ تي گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جي 11 هين اجلاس جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. اهو دستاويز 27 آڪٽوبر 2022ع تي 11 هين جي سي سي اجلاس جي فيصلن ۽ نتيجن تي ٻڌل هو. ان تي چين جي قومي ترقي ۽ سڌاراجاتي ڪميشن (اين ڊي آر سي) جي وائيس چيئرمين ڪانگ ليانگ ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال صحيحون ڪيون هيون. ٻين مفاهمت جي ياداشتن ۾ سي پيڪ جي فريم ورڪ جي اندر ماهرن جي مٽاسٽا جو مڪينزم قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. ان مفاهمت جو مقصد ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ علم جي مٽاسٽا کي آسان بڻائڻ جي لاءِ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ چين جي اين ڊي آر ايف جي وچ ۾ ماهرن جي مٽاسٽا جو طريقيڪار قائم ڪرڻ هو. ان جو مقصد چين پاڪستان صلاحيت سازي جي تعاون جي لاءِ فڪري حمايت ۽ مشاورت حاصل ڪرڻ ۽ چيني ماهرن جي پاڪستاني حڪومت ۽ ڪاروباري ادارن سان گهرائي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو، جنهن ۾ چين جي تجربي جي حصيداري، چيني حل ۾ تعاون ۽ پاڪستان کي عالمي معيارن تي وڌيڪ وقت سر ۽ موثر طريقي سان پورو لهڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو. ان مفاهمت جي ياداشتن تي اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ڪانگ ليانگ ۽ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پڻ صحيحون ڪيون. پاڪستان مان چين کي خشڪ مرچن جي برآمد جي لاءِ فائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جي پروٽوڪول تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پروٽوڪول ۾ پاڪستان کان چين کي خشڪ مرچن جي برآمد جي لاءِ فائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ان پروٽوڪول جي صحيحون ڪندڙن ۾ چين جي ڪسٽمز جي جنرل ايڊمنسٽريشن پاران پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پينگ چنڪسو ۽ پاڪستان جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جو سيڪريٽري ظفر حسن هو. وڌيڪ اهو ته ايچ فيز 2 (ٿاڪوٽ – رائي ڪوٽ) پراجيڪٽ جي فزيبلٽي اسٽڊي فائنل رپورٽ کي ٻيهر جوڙڻ جي اعتراف بابت مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ان دستاويز ۾ ايچ ايچ فيز 2 (ٿاڪوٽ – رائي ڪوٽ) پراجيڪٽ جي ٻيهر ترتيب جي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي حتمي رپورٽ جي وصولي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ان دستاويز تي چين جي ٽرانسپورٽ واري وزارت پاران پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پينگ چنڪسو ۽ پاڪستان جي مواصلات واري وزارت جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ميمبر پلاننگ مسٽر عاصم امين صحيحون ڪيون. آل چائنا فيڊريشن آف ٽريڊ يونينز ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪستان جي وچ ۾ سي پيڪ انڊسٽريل ڪوآپريشن جي دائري تحت مزدورن جي مٽاسٽا جي پروگرام کي مضبوط بڻائڻ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون ته جيئن مهارت جي لاءِ سي پيڪ منصوبن سان واڳيل افرادي قوت جي ايڪسچينج پروگرامز کي فروغ ڏئي سگهجي، ترقي، فني تربيت، زبان جي ڪورسز، SEZs جي ترقي ۾ چيني تجربي جي حصيداري بامعنيٰ ماڻهن کان ماڻهن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري اهو ايم او يو چين صنعتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ چيني دانشوراڻي تعاون جي ذريعي SEZs جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ۾ مقامي صنعتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سي پيڪ جي افرادي قوت جي هڪجهڙائي کي وڌيڪ وڌايو ۽ سي پيڪ صنعتي تعاون جي ذريعي تصور ڪيل چيني صنعتي چرپر کي راغب ڪرڻ جي لاءِ هنرمند ليبر جي ضرورتن جي حمايت ڪئي. ڇهين مفاهمت جي ياداشت تي (ايم ايل ون) پراجيڪٽ کي فروغ ڏيڻ تي فني ڪميٽين جي 21 هين ڪانفرنس جي منٽس جي اعلان تي صحيحون ڪيون ويون. ايم ايل ون منصوبو، سي پيڪ جو هڪ اهم عنصر، پاڪستان جي چرپر جي نظام کي تبديل ڪرڻ جو واعدو رکي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽن ڏينهن جو عراق جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويو
-
مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو تائين اچي ويو
-
هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي منافعي ۾ 879 سيڪڙو جو اضافو ٿيو: اقتصادي سروي
-
پي ايس ڊي پي ۾ پاڻي وسيلن واري ڊويزن جي پاڻي شعبي جي جاري مختلف اسڪيمن تي 83 ارب 44 ڪروڙ 75 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويندا
-
حڪومت جو مقروض بيواهن جا گهر ٺهرائڻ لاءِ قرضن جي بقايائن جي ادائگيءَ لاءِ اسڪيم شروع ڪرڻ جو فيصلو
-
هڪ سال جي مختصر عرصي دوران واپاري خساري ۾ 74 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي: سينيٽر اسحاق ڊار
-
ايندڙ مالي سال ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرضن جي فراهميءَ لاءِ 10 ارب رپيا، يوٿ اسڪلز پروگرام لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا
-
حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، سولرائيزيشن ۽ نوجوانن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
-
موجوده حڪومت ملڪ جي سيع تر مفاد ۾ سڏڪندڙ معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، زرعي شعبي لاءِ انقلابي پيڪيج ڏنو آهي: اعظم نذير تارڙ
-
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پاڪ فوج جي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش
-
سامونڊي طوفان بائپر جوائي مسلسل اڳتي وڌندو پيو اچي جيڪو اڄ رات سنڌ جي ڏکڻ اوڀر سامونڊي علائقي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيجندو: وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان
-
وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو