اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي هڪ سال گذري چڪو آهي جنهن سان ٽيون حصو پاڪستان پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ ٻوڏ سان لکين ايڪڙ تي ٻڌل بيٺل فصل سميت بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو، ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهين بابت عالمي برادري کي خبردار ڪيو، اسان عالمي سطح تي موثر حڪمت عملي جو مطالبو ڪيو ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن سان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان يڪجهتي جي اظهار جو عزم پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته 4 آر ايف فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته وفاقي ڪابينا تازو ئي تاريخي نيشنل ايڪشن پلان 2023ع جي منظوري ڏني آهي جنهن سان بنيادي ڍانچي ۽ آبادي کي موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پاليسين کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان پنهنجي حصيدارن ۽ دوستن سان گڏجي ماحولياتي تبديلي کان تحفظ جي سفر ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائينداسين.
متعلقہ مضامین
-
India doesn’t qualify for a seat on UNSC: Pakistan to UNGA
-
Court extends Hamza’s judicial remand in Ramazan Sugar Mills case till Dec 1
-
Breaking news of Bin Laden raid to Pakistan was easier than thought: Obama
-
PIA Havelian crash report says pilot not to blame for tragedy
-
FGEHA to auction commercial plots in federal capital
-
Sargodha University holds calligraphy exhibition and competition
-
China appreciated Pakistan’s efforts to combat terrorist forces, safeguard nations and regional peace
-
FBR notifies tax exemption for 61 items used in Covid-19 vaccine
-
Soldier martyred, two injured in operation in North Waziristan
-
Pakistan Navy ship visit Jordan to participate in joint exercises
-
GCC countries surpass 1 million COVID-19 cases
-
Pakistan records positivity ratio of 7.46% as 2,756 more test positive