اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم بل گيٽس سان صحت ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موجوده حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور جاري رکندو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس غذائيت جي کوٽ اسٽينڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان بچاءُ جي لازمي خدمتن جي فراهمي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي (راست) ۽ قومي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم ۽ بل گيٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Keeping a keen eye on your health
-
Pakistan has greatest stake in Afghan peace, says PM
-
NUST seeks compulsory use of local cardiac stents in hospitals
-
Concrete jungle threatens mangroves on Bundle island
-
Maritime Affairs to launch project for fishermen community: Zaidi
-
Naeem Bokhari appointed PTV chairperson
-
Pakistan strongly condemns Houthi missile attack at Saudi oil facility
-
BankIslami CEO stresses collective efforts to mitigate Covid-19’s impact
-
In recognition of his Sacrifices and Contributions for Pakistan
-
Pak-China ties to be more diversified in days to come
-
Pakistan reports more than 3,000 Covid cases for second straight day
-
No ban on export of Pakistani workforce to UAE: SAPM