اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪا جي 247 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ان جي عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آمريڪا برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي 75 سالن وارن دوستاڻن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن پر هاڻي آمريڪا سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن. آمريڪا اسان جو وڏو واپاري حصيدار آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 80 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جي قرباني ڏني. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو پر ان جي باوجود دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيتن مان انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي جنهن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا. ان مشڪل وقت تي آمريڪا اسان جي وڏي مدد ڪئي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ غلط فهمين جي ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا پر موجوده حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بحال ڪيو ويو. هن يقين ڏياريو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين ۽ انهن لاڳاپن کي بلندين تائين وٺي وينداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان پاڪستان سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan condemns Indian Chief of Defence Staff’s gratuitous remarks: FO
-
ACE registered 198 corruption cases in October
-
Info Ministry: from oblivion to preeminence
-
Opp in PA protests non-issuance of Hamza’s production orders
-
Pakistan committed to enhance trade relations with Afghanistan
-
India has yet to reopen its side of Kartarpur Corridor: FO
-
Pakistan moving towards ‘Renaissance of Muslims’ in line with Allama Iqbal philosophy: president
-
BDA ex-chairman, TCC security officer remanded in Reko Diq case
-
Sharjeel Memon, richest parliamentarian in Sindh
-
Meeting to decide on extended winter holidays in schools on Monday
-
Pakistan condemns shooting incident at Saudi Embassy in The Hague
-
Sugar testing strips disappear from pharmacies in Sialkot