پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي پٺتي پيل آبادي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ هيلٿ ريسرچ 2023ع تي عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي رڳو چار کان 5 سيڪڙو آبادي اعليٰ تعليم سان ليس آهي جڏهن ته عام ماڻهو کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن. هن نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي 250 ملين آبادي مان 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ نه آهي. صدر پاليسي سازن تي زور ڏنو ته اهي جلد ۽ وقت سدر فيصلا ڪن جڏهن ته ڌرين، سرندي وارن ماڻهن، رضاڪارن ۽ عالم سڳورن تي زور ڏنو ته اهي جديد دور جي چئلينجز بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته حڪومت 27 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي لاءِ وسيلن جي کوٽ جي ڪري اسڪول قائم نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي سڀني کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح عوام جي خدمت جي ذميواري سول سوسائٽي جي ڪلهن تي اچي ٿي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ بهتري ايندي. هن وڌيڪ چيو ته استادن، ڊاڪٽرن، شاگردن، عالم سڳورن ۽ هر ماڻهو کي ملڪ جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وقت ملڪ کي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته هن وقت 2 لک تربيت يافته نرسون فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هن صحت جي تحقيق تي پهرين عالمي ڪانفرنس جي منتظمين کي ساراهيندي چيو ته عالمي ماهرن سان گڏجي صحت جي شعبي ۾ نئين تحقيق وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز خاص طور تي نئين فارغ ٿيندڙ شاگردن کي گهرجي ته اهي نئين تحقيقي موضوعن تي ڌيان ڏين ۽ ماڻهن کي متعدي ۽ غيرمتعدي مرضن ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏين. صدر عورتن کي اڳتي اچڻ ۽ خاص طور تي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Webinar discusses causes of fire eruption in buildings
-
Reko Dek project: NAB files reference against 26 officials of Balochistan govt
-
Ehsaas to structure ‘One Window Initiative’ featuring physical and digital interfaces: Sania
-
Additional Sessions Judge Lahore Azfar Sultan Syed died of corona virus
-
Comprehensive strategy in place on Covid-19 vaccine: ministry
-
SAPM pledges jobs through promotion of tourism in GB
-
6 martyred in AJK including solider, in major aggravation along LOC 10 killed on Indian side
-
Stray dogs bite 16 children in Dadu city
-
Stage set for polls in Gilgit Baltistan today
-
KMC has Introduced Preparation Center for CSS aspiring applicants
-
Chacha Cricket says he is ‘alive and well’ after death rumours on social media
-
Lord Nazir charged with sexual misconduct by UK parliament