پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرليين سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم هلندڙ سال 9 جنوري ي جنيوا ۾ منعقد ”ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت تي يورپي ڪميشن جي سربراهه جا ٿورا مڃيا. هن يورپي ادارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪندي يورپي ڪميشن جي سربراهه کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. جي ايس پي پلس جي اهميت جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان جي ٽريڪ تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. يورپي ڪميشن جي صدر 2022ع جي ٻوڏ کان بحالي جي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. هن جي ايس پي پلس سميت يورپي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري تعاون جي سطح کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Lahore-bound Fareed Express breaks down in Ghotki
-
Condolence reference held for pominent IT scientist Dr. Ismaili
-
Protest rally held to save trees
-
Artificial intelligence a powerful tool to improve peace and security: expert
-
Elderly Ahmadi man shot down in Peshawar
-
SHC extends Nisar Khuhro’s pre-arrest bail in money laundering case
-
1,637 new Covid cases, 23 deaths across country
-
Pakistan strongly condemns Saudi Arabia’s cemetery attack
-
Time for PM to take another U-turn: Hashmi
-
Pakistan to expose Indian HR abuses in IIOJK at OIC FMs, Kashmir Group moots
-
PM wishes Happy Diwali to Hindu citizens
-
RAW can target prominent politicians of country: Rashid