اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي ۾ سراسري اضافو ٿي رهيو آهي پر عالمي رد عمل سستي جو شڪار آهي، جنهن سبب مستقبل ۾ مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ ٽئين سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان سيشن ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته تازي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ جو نقشو بدلائي ڇڏيو، گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان موسمياتي تبديلين جي زد ۾ رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو گرمي پد مسلسل ٽن سالن کان شدت اختيار ڪندو رهيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان عالمي ذميواري جي حوالي سان گهڻ رخي فريم ورڪ جي حوالي سان به اجلاس ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 2022ع ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ڏٺي. پاڪستان جو چوٿون حصو ٻڏي ويو، ٽي ڪرڙ 30 لک ماڻهو سڌا سنوان متاثر ٿيا ۽ پاڪستان کي اربين ڊالرن جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيو. هن چيو ته دنيا تيزي سان موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن سان گڏ روايتي طريقن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي، اسان کي گهرجي ته عالمي ادارا ۽ ملڪ گڏجي ان معاملي تي سنجيدگي سان قدم کڻن. هن چيو ته پاڪستان ”ڪاپ 27“ ۾ عالمي برادري کي اهو باور ڪرايو ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي سطح جو فنڊ قائم ڪرڻ ضروري آهي جنهن تحت ”لاس اينڊ ڊيميج“ فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو غريب ملڪن کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪندو جنهن ڪري ان کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري ناز بلوچ ، نيشنل ٽاسڪ فورس ايس ڊي جيز ، ايم اين اي رومينه خورشيد عالم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين، اومان جي رياستي ڪائونسل جي ڊپٽي اسپيڪر شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر ملڪن کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي، ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اومان جي حڪومت سرگرم آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، اومان ۾ شمسي توانائي جا 3 وڏا منصوبا لڳايا ويا آهن جنهن سان ماحول دوستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي ان موقعي تي شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا مسئلا اومان کان مختلف آهن جنهن لاءِ ڌار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سيشن کي پاڪ شام پارلياماني فرينڊشپ ڪميٽي جي چيئرمين منطاهر ابراهيم ۽ ماحولياتي تبديلي بابت سرگرم ميمبر زينب وحيد پڻ خطاب ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيل چئلينجن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، سيشن ۾ ڀائراڻي ملڪن جي سفارتي نمائند، يونيورسٽين ۽ مدرسن جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Rising Turkey at 97
-
Entire Punjab will be covered in Sehat Insaf Cards Program in three phases: Health Minister
-
State of Qatar provides medical aid to Pakistan
-
Senior Indian diplomat summoned to register Pakistan’s strong protest over Ceasefire Violations by India: FO
-
Anti-Macron protests held in Bhopal, Hyderabad, Mumbai and AMU
-
Know many secrets but never made irresponsible statements: Ayaz Sadiq
-
PM must intervene to ensure Health Levy bill passed by Cabinet in 2019 is not lost between Federal Ministry of Finance and Ministry of Health
-
Pakistan, EU agree to strengthen bilateral cooperation in diverse fields
-
Motorway police thwart arms smuggling bid, suspect arrested
-
Bank manager shot dead over ‘blasphemy’ in Khushab
-
Pakistan rejects India’s propaganda against Kartarpur Sahib Corridor
-
Shafqat calls for standardisation of exam system