اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هيگ ۾ او پي سي ڊبليو جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪيميائي هٿيارن جي خاتمي بابت تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل سفير فرنينڊو ايرياس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ او پي سي ڊبليو جي وچ ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. او پي سي ڊبليو جي ڊائريڪٽر جنرل فرنينڊو ايرياس ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر طور ڪردار ۽ صلاحيت سازي جي مختلف پروگرامن ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان پنهنجي صلاحيت سازي جي پروگرام ۽ سڄي دنيا مان شرڪت ڪندڙن جي لاءِ عالمي تربيتي ڪورسز جي ذريعي پاڪستان او پي سي ڊبليو جي ڪم ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن کي لاڳو ڪرڻ ۾ فعال طور تي تعاون ڪري رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري او پي سي ڊبليو پاران ڪيل ڪم کي ساراهيو ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان ڪيم ٽيڪ سينٽر جي جلد آپريشنل ٿيڻ جو منتظر آهي.
متعلقہ مضامین
-
Economic growth through infrastructure development
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Will ensure implementation on PDM’s agenda against govt: Nawaz Sharif
-
Pakistan vows to develop vibrant relations, trade with Afghanistan
-
Banking transparency vital to end consumer exploitation: Alvi
-
At least 100 restaurants, six marriage halls closed in Karachi for violating coronavirus SOPs: NCOC
-
553 new Covid-19 cases reported; eight lives lost
-
Mohammad Zubair appointed spokesperson for Nawaz, Maryam
-
Theater discusses practitioner’s dilemma
-
Teachings of Data Ganj Bakhsh (RA) illuminating humanity