اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موثر حڪمت عملي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توانائي بچت پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ موجود گردشي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بهتر پاليسي جي ذريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي حڪومت جي دور دوران گردشي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت عملي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گردشي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سوئي گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ريڪوري جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪن. هن هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي صارفين تي ڪو اضافو بار نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي جي اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پهچ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهرايو ويو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
FBR detects 200 businessmen evading taxes, tells them to join tax net
-
Former K-Electric CEO appointed as PM Khan’s special assistant
-
Three Ahmadiyya community members arrested after LHC rejects bail
-
Private schools deprive teaching and non-teaching staff of salaries
-
HappyBirthdayPM’ trending top on Twitter as PM turns 68
-
Govt has nothing to do with sedition case against PML-N
-
Lahore Sangat installs plaques to pay tribute to legends
-
PML-N accuses govt of pressurising former DG FIA to probe Sharifs
-
No clean chit given to Islamabad mayor: NAB
-
54 labourers rescued from landlord’s custody