شرم الشيخ- 17 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ گرين انويسٽمينٽ اولين ترجيح آهي، حڪومت فاسل فيول جي استعمال بدران شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جو آغاز ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا ۽ اسرندڙ ملڪن بابت فرينڊز آف گريننگ نيشنل انويسٽمينٽ پلان جي حوالي سان پينل مباحثي ۾ شرڪت دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 20 پٺتي پيل ضلعن کي پائيدار ترقي سان اڳتي آڻڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هر منصوبي جي منظوري لاءِ لازمي آهي ته هو ماحولياتي معيار تي پورو لهي ٿو. پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو آهي، پاڪستان هن وقت انهن ست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي جو بدترين شڪار آهن، موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ رڪارڊ گرمي، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو سبب بڻي. موسمياتي تبديلي جا اثر افسانو نه پر هڪ حقيقت آهن، موسمياتي تباهي جو پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهن تي سڌو سنئون اثر پيو. وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي نظام موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ انفرا اسٽرڪچر لاءِ فنڊ قائم ڪيو وڃي، اسريل ملڪن کي پنهنجي ذميداري پوري ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ تباهي انهن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي. اسان کي پنهنجي نسلن لاءِ موسمياتي ماحول کي بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪ پنهنجي تجربن جي مٽاسٽا ڪن، هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، ملڪن کي شديد نقصان پهتو، انفرا اسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون، متاثرن جي آبادڪاري لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جو دائرو ضلعن تائين وڌايو ويو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Haseena Moin to write a special web-series on breast cancer awareness for the RINSTRA platform.
-
Buzdar orders authorities to hold revenue-specific open courts
-
Shibli holds PML-N govt responsible for economic difficulties of people
-
Flour prices go up by Rs 2 per kg in Lahore
-
Nawaz trying to ‘blackmail’ institutions to get relief: govt
-
PM orders formulation of roadmap to overcome stunting among children
-
Record police encounters fail to deter robbers in Faisalabad
-
Court orders Suleman Shahbaz be declared an absconder
-
New Delhi merely ‘doing politics’ on Kulbhushan Jadhav issue, IHC told
-
Ex-Sindh governor offers ‘surrender’ in sedition case
-
Opp lacks moral ground to launch anti-govt movement: Shibli