اسلام آباد -07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر آهي جڏهن ته مسئلن جي حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. شفافيت بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشي ترقي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊجيٽل سمٽ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر، مسئلن جو حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، احسن اقبال چيو ته جديد بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊجيٽل خواندگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي اپنائڻي پوندي. تعليمي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن ۾ پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل مهارتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته شهرين، ڪاروباري ۽ سرڪاري ادارن جي تحفظ لاءِ حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي شعبي کي مضبوط ڪري رهي آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ ۽ سستي انٽرنيٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي سيڙپڪاري، اسٽارٽ اپس ۽ ايس ايم ايز جي همت افزائي ۽ نوجوانن جي 65 سيڪڙو آبادي کي جديد هنر سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ماهرن کي دعوت ڏني ته هو جدت تي ٻڌل آئيڊياز پيش ڪن.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Military kills 6 TTP commanders among 12 in back-to-back days
-
JICA provides $1.3m to ensure food security in locust-hit areas
-
Malala to collaborate with Apple to produce dramas and documentaries
-
Two MPAs of Punjab contract Covid-19
-
Court adjourns hearing of illegal assets cases against Ahad Cheema till 18th
-
Pakistan committed to Uzbekistan’s access to ports, trans-Afghan railway project: PM
-
Ehsaas considering expansion of education stipends for secondary schools
-
Urological operations closed since three months at CMCH
-
Pakistan can’t progress without full participation of minorities: Ashrafi
-
Promoted doctors denied posting, department accused of corruption
-
SC to hear PM’s plea in foreign funding case on March 18