اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اي سي او جي قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي دور ۾ اي سي او کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم تنظيم جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي خدمتن کي ساراهيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن ۽ اي سي او جي سڌاراجاتي ايجنڊا جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي آگسٽ ۾ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر اسد مجيد خان پنهنجي ٽن سالن جي دور ۾ خسرو نوزيري جي سٺي ڪم کي جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Participation of women important for a progressive society, Dr. Firdous
-
No NRO for corrupt leaders until PM Imran is in power: Usman Buzdar
-
COAS, UK CDS discuss Afghan peace process
-
Two FC troops killed in Landi Kotal road mishap
-
NAB seeks details of Covid relief fund, fuel expenses from DC office
-
President for bringing the disabled into national mainstream
-
ATC to indict accused cops in Satti murder case on 26th
-
CM directs action against officials for approving illegal housing societies
-
PM felicitates Sanjrani, Afridi on Senate victory
-
All doesn’t seem well within PDM
-
Not afraid of threats and arrests, Maryam Nawaz
-
Naundero remains neglected under PPP rule