اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي ”هولي“ جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن، ثقافتن ۽ زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسان سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هولي جي خوشي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي رنگن جي ڏڻ ”هولي“ جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن ۽ ثقافتن ۽ زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسان سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم چيو ته آئون دعا ڪريان ٿو ته بهار جي موسم جو اچڻ اسان سڀني جي لاءِ نئين شروعات، اميد ۽ خوشي جو پيغام ثابت ٿئي.
متعلقہ مضامین
-
No-confidence motion for country, not power: Shahid Khaqan Abbasi
-
SHC issues notices to prosecutor general on Haleem’s bail pleas
-
Wedding halls are not reopening from March 15: NCOC
-
As US mulls Afghan exit, activist sees long fight for women
-
PML-N MPA arrested, booked over slapping lady constable
-
NAVAL CHIEF MEETS MILITARY LEADERSHIP OF UAE
-
US-based MQM-L female activist ‘plans killings to trigger sectarian rift in Karachi’
-
Police seize four truckloads of counterfeit cigarettes, arrest nine suspects
-
Sugar price crosses Rs 100 per kg mark in various cities
-
Japan courageously faced triple disasters in 2011: Ambassador Imtiaz
-
PDM divided over choice of opposition leader in Senate
-
School building turned into cattle shed