اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت کي گهرجي ته هو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پرامن حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. ترجمان چيو ته ايندڙ هفتي سومر ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جي هڪ ڪاري ڏينهن جا 5 سال مڪمل ٿي ويندا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هطرفي ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج پاران اهي ڪارروايون ۽ ان جي نتيجي ۾ کنيل قدم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عالمي قانونن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي تحت آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Participation of women important for a progressive society, Dr. Firdous
-
No NRO for corrupt leaders until PM Imran is in power: Usman Buzdar
-
COAS, UK CDS discuss Afghan peace process
-
Two FC troops killed in Landi Kotal road mishap
-
NAB seeks details of Covid relief fund, fuel expenses from DC office
-
President for bringing the disabled into national mainstream
-
ATC to indict accused cops in Satti murder case on 26th
-
CM directs action against officials for approving illegal housing societies
-
PM felicitates Sanjrani, Afridi on Senate victory
-
All doesn’t seem well within PDM
-
Not afraid of threats and arrests, Maryam Nawaz
-
Naundero remains neglected under PPP rule