اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي بنا فيس جي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين نظام تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون، ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو. ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محدم شهباز شريف پرڏيهي سيڙپڪارن، ڪاروباري برادري ۽ سياحن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بڻائڻ جي حوالي سان چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان اهم قدم کنيا آهن، گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن وڏو قدم کڻندي، ويزا رجيم ۾ نرمي ڪئي آهي. جيڪا هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي آهي، گلف ڪنٽريز ڪائونسل جي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن لاءِ پاڪستان ۾ ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي، جنهن عيوض نار جي ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم چيو ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين ويزا تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون. انهن126 ملڪن جي واپارين، سياحن کي ويزا فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو، وزيراعظم چيو ته مذهبي سياحت ۾ بهتري جي حوالي سان ٽئين مڪ جو پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت لاءِ ڌار کان سب ڪيٽيگري جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن تي اليڪٽرانڪ گيٽس جو اي نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا مقدس هنڌ آهن ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جا ٻيا اتريان علائقا سياحن لاءِ جنت آهن. وزيراعظم چيو ته نئين ويزا رجيم تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان گهرو وزارت ۾ هڪ ڊيش بورڊ به قائم ڪيو ويندو، ان حوالي سان ذڪر ڪيل ملڪن کي ويزا فري اينٽري، بزنس ويزا لسٽ ۽ ٽوئرسٽ ويزا آن ارائيول جي نگراني ڪندو ۽ جائزه رپورٽ فراهم ڪندو، نئين ويزا رجيم تي گهرو وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Gilgit-Baltistan assembly seeks “interim province” status from Pakistan
-
NAB decides to include Maryam in Capt (r) Safdar assets case
-
Bilawal wins PDM’s support for Gilani
-
Prime Minister to launch “No One Sleeps Hungry Program” today, Faisal Javed
-
Vawda de-notified as federal minister
-
Gemstones merchants protest wreckless excavation
-
Citizen centric policing to ensure free registration, prevention of crimes: IG Punjab
-
Buzdar seeks Italian investment in SEZs
-
Three bodies found near railway tracks in Lodhran