اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) سعودي جي سيڙپڪاري واري نائب وزير ابراهيم المبارڪ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ترقي ۾ ٻه طرفو تعاون اهميت رکي ٿو، پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪندا، سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ماهرن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عرب انويسٽمينٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. سعودي سيڙپڪاري وارو نائب وزير جيڪو 50 رڪني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي وفد جي اڳواڻي ڪندي پاڪستان جي 3 ڏينهن جي دوري تي آهي. پاڪستان سعودي عرب انويستمينٽ فورم 2024ع ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. هن چيو ته هن وقت سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڊاڪٽرز، انجنيئرز، پروفيسرز ۽ ماهر پيشيور ماڻهو سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته سعودي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر وقت تيار آهن، سعودي معاون وزير ابراهيم المبارڪ چيو ته هن وقت پاڪستان جي اڪثريت سعودي عرب جي ويزن 2030ع تي تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ سعودي ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر وقت تيار آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي. سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪندا. پاڪستان سعودي عرب انويسٽمينٽ فورم 2024ع کي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
QAU continues to improve global rankings
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
PM wants US-like electronic voting system in next polls
-
Ehsaas program dedicated to foster full participation of women in society: Sania Nishtar
-
Imran Khan has right to rule till 2023: Governor
-
38 people including 23 college students booked for attacking passenger bus in Bahawalnagar
-
Disintegration of India under Modi
-
South Africa keen to deepen relations with Pakistan: envoy
-
Pakistan stresses gender equality to accomplish SDGs
-
Teenage girl raped, filmed at gunpoint in Okara