اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ۾ ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي، ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروگرام ۾ شامل سمورن ٻارن کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽرن شپ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽرن شپ پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگرام ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن جي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽيزن شپ پرگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، پارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻارن کي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
IT minister meets the 15 year-old Karachi boy who developed a WhatsApp like app
-
Foreign Minister’s interaction with European Envoys based in Pakistan
-
Panic grips Punjab University after unidentified gunmen open fire
-
Friendly cricket match held at COMSATS cricket ground
-
Joint Pak-Japanese efforts against disasters stressed
-
Book on Sufism reviewed
-
ECC approves Ramadan Relief Package worth 7.5 billion
-
PM directs federal secretaries to visit Balochistan every month
-
CJP remains unhurt in car accident: SC
-
30 PHP employees regularized after 6 years of delay