راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي پيشيوراڻي فوج جي انفينٽري رائفل ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع جي پڄاڻي واري تقريب نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ”انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع“ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي وئي. ٻن هفتن تي ٻڌل مشقون 29 جون 2024ع تي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ٻنهي پيشيوراڻي فوجن مان هر هڪ ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 17 ڊويزن پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آمريڪي فوج جي 34 انفينٽري ڊويزن جي ڪمانڊنگ جنرل ميجر جنرل چارلس جي ڪيمپر به پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مشقن دوران پيشيوراڻي مهارتن جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو. انفينٽري رائفل ڪمپني ايڪسچينج جو مقصد مشقن جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ ٻنهي ملڪن کي درپيش دهشتگردي جي دائمي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم دهشتگردي جي خاتمي جي تجربن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ان دائري ڪار ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي مهارت حاصل ڪرڻ کانسواءِ اربن وار فيئر ۾ شامل مارڪ مين شپ جي مهارت سان گڏوگڏ فني مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو.
متعلقہ مضامین
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Mega corruption cases being taken to logical conclusion: NAB
-
Affordability and provision of essential items is government’s top priority: PM
-
PTI challenges Gilani’s victory in Senate election in IHC
-
Female police contingent pass out
-
Islamic University stops media coverage of women empowerment event
-
Kidney diseases on the rise in Pakistan: Health experts
-
Pakistan asks India to rescind illegal actions in IIOJK
-
Fenugreek a Miraculous Plant
-
Sindh govt, KE sign MOU to simplify process for new electricity connections
-
Six labourers die in coal mine blast in Ormara; two rescued
-
Seven terrorists arrested in two raids in Karachi