اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) ??رن??پل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن جي ڪري عورتن جي لاءِ پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائڻ جا موقعا وڌي ويا آهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ ”عورتن کي بااختيار بڻائڻ: بدلجندڙ دنيا ۾ چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد هڪ سيمينار ۾ هن ڊيجيٽلائيزيشن جي اثرن ت?? زور ڏيندي چيو ته ان سان عورتن جي لاءِ موقعا خاص طور تي معاشي شعبن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن سياست ۽ معيشت سميت زندگي جي مختلف رخن ۾ عورتن جي وڌندڙ شرڪت طرف مثبت رجحان جو ذڪر ڪيو جيڪو آهستي آهستي روايتي رڪاوٽن کي ٽوڙي رهيو آهي. عورتن کي درپيش موجوده سماجي چئلينجز جي حوالي سان هن صنفي اڻبرابري بابت مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ صنف کان قطعي نظر سمورن ماڻهن کي بنيادي انساني حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي اهميت ت?? زور ڏنو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي تحريڪ جي عالمي نوعيت تي روشني وجهندي هن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ فيمنسٽ تحريڪن پاران حاصل ٿيندڙ رفتار جو ذڪر ڪيو. هن عروتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششن جي ضرورت ت?? زور ڏنو. ڊاڪٽر طارق محمود خان عورتن ت?? زور ڏنو ته اهي سماجي، سياسي ۽ معاشي شعبن ۾ موقعن مان فائدو کڻن ته جيئن ته اهي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن ۽ معاشري ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. هن عورتن جي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي پنهنجي روزگار جي ذريعي کي وڌائڻ ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻجڻ جي لاءِ ڊيجيٽلائيزيشن کي اختيار ڪن. ٻارن جي حقن جي تحفظ بابت قومي ڪميشن (اين سي آر سي) جي اڳوڻي چيئرپرسن افشان تحسين باجوه، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر جي صلاحڪار ڊاڪٽر افشان ملڪ، آمريڪا ۾ رهندڙ عورتن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن مردانڊا، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر اسد منير، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر سعديه پاشا ۽ ميڊيڪل ڊاڪٽر زاهده ابراهيم پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سيمينار جو اهتمام الائنس فار گڊ گورننس فائونڊيشن ڪيو هو ۽ ان جي نظامت هڪ تجربيڪار صحافي شبير حسين ڪئي هئي.
متعلقہ مضامین
-
Researchers use artificial intelligence to search for next SARS-like virus
-
CIS’s journey of transformation leads to Pakistan’s digital future
-
Sahulat Bazaars Authority Act 2025 to slash prices and boost entrepreneurship
-
Met Dept issues rain forecast for parts of Pakistan
-
Nushki oil tanker blast claims 7 lives as more victims die in hospital
-
PG سافٹ ویئر آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے
-
بہترین سرکاری تفریحی ایپ سلاٹ مشین گیمز کے لیے
-
Karachi mayor, deputy mayors election case adjourned till 12th
-
Pakistan urges collective action for needs of IDPs
-
Pakistan observes Quaids 68th death anniversary
-
SBP, SECP joint body on cards
-
SNGPL closes Punjabs CNG supply for 3 days