اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه نيول هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن سان گڏ نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم کي پاڪ بحريه جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ نيول هيڊڪوارٽرز جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دوران علائقائي سامونڊي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امير البحر وزيراعظم کي پاڪ بحريه جي ڪردار، صلاحيتن ۽ مستقبل ۾ جدت آڻڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) پاران موجوده سامونڊي صورتحال، پاڪ بحريه کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي ردعمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي خاص طور تي ميري ٽائيم شعبي ۾ ملڪ کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضرورتن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کي ميري ٽائيم سيڪٽر جي معاشي امڪانن مان فائدو کڻڻ جي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي سامونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جي خدمتن کي ساراهيو. هن نيول ايئربيس تربت تي تازي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي ردعمل کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. آخر ۾و زيراعظم پاڪ بحريه جي ڪمانڊ آپريشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. نيول چيف وزيراعظم جي دوري ۽ بحريه تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هني قين ڏياريو ته پاڪ بحريه الله سبحان الله تعاليٰ جي مدد سان ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو دفاع جاري رکندي ۽ امن 7 جنگ ٻنهي جي ذميوارين کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي.
متعلقہ مضامین
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Women Champions
-
Women’s Day Celebrations kick off at UO
-
Khalilzad, Miller discuss Afghan peace process with Gen Bajwa
-
United States And Facebook recognize Pakistani women entrepreneurs on International Women’s Day
-
All educational institutes in major cities of Punjab to be shut down: Shafqat Mahmood
-
FC distributes loading rickshaws in Zakha Khel
-
Ashiana housing case: Court reserves verdict on acquittal application of two co-accused
-
ECP notifies PPP’s Gilani as senator
-
Ex-Interior Minister of Pakistan urges president FATF to take notice of Indian terror financing and money laundering
-
COAS, Uzbek FM discuss Afghan peace process
-
Launch of Women in Policy Pakistan