اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جو امڪان آهي. جمعي ڏينهن اين اي او سي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته برسات 50 کان 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ مقامي ندي نالن ۾ اربن فلڊ/ شديد ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. گجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ ۽ راولپنڊي ۾ امڪاني طور تي اربن فلڊ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته گليات، ڪشمير، ڪوهستان، مانسهره ۽ مري ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جو خطرو آهي. اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ مقامي انتظاميه کي مشورو ڏنو آهي ته هو صورتحال تي گهري نظر رکن ۽ خطري جي زد ۾ ايندڙ آبادي جي تحفظ لاءِ مناسب قدم کڻن. عوام کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو گهريلو پاڻي جي نيڪاسي جي نظام کي برقرار رکڻ سميت شروعاتي قدم کڻن. بند نالن يا امڪاني خطرن جو اطلاع مقامي عملدارن کي فوري طور تي ڏين. ماڻهن کي وڌيڪ مشورو ڏنو ويو آهي ته اهي لينڊ سلائيڊنگ وارن علائقن ۾ سفر ڪندي وقت احتياط ڪن، عوام کي چيو ويو آهي ته هو وقت سر ڊزاسٽر الرٽس، گائيڊ لائنز ۽ احتياطي تدبيرن لاءِ نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي پاڪ اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ ”موبائيل ايپ ڊائون لوڊ ڪن.
متعلقہ مضامین
-
No-confidence motion for country, not power: Shahid Khaqan Abbasi
-
SHC issues notices to prosecutor general on Haleem’s bail pleas
-
Wedding halls are not reopening from March 15: NCOC
-
As US mulls Afghan exit, activist sees long fight for women
-
PML-N MPA arrested, booked over slapping lady constable
-
NAVAL CHIEF MEETS MILITARY LEADERSHIP OF UAE
-
US-based MQM-L female activist ‘plans killings to trigger sectarian rift in Karachi’
-
Police seize four truckloads of counterfeit cigarettes, arrest nine suspects
-
Sugar price crosses Rs 100 per kg mark in various cities
-
Japan courageously faced triple disasters in 2011: Ambassador Imtiaz
-
PDM divided over choice of opposition leader in Senate
-
School building turned into cattle shed