اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دولت مشترڪه سان تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان دولت مشترڪه جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي تنظيم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ڳالهائي رهيو هو جنهن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. صدر موسمياتي تبديلي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، قدرتي آفتن جي شعبن ۾ مضبوط تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پارلياماني ادارن خاص طور تي نوجوان پارليامينٽرينز ۽ شاگردن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ملاقات ۾ پاڪستان م موسمياتي تبديلي جي اثرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين سان تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو، موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ تمر جا وڻ لڳايا ويا، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ جي واپار سان 27 ملين ڊالر ڪمايا ويا. هن چيو ته سنڌ حڪومت 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ 20 لک پائيدار گهرن جي تعمير شروع ڪئي. سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جو چوڻ هو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سان واڳيل وڏا چئلينجز درپيش آهن. سيڪريٽري جنرل تنظيم جي پاڪستان سان متحرڪ تعاون تي روشني وڌي. صدر 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي خدمتن کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Mera Jism-Meri Marzi slogan misinterpreted: Shehla Raza
-
Two fall prey to ‘honour’ killing in Karachi
-
British MP thanks Pakistani Consulate for gifts, reiterates support for Kashmiris
-
Pakistan’s envoy at UN seeks effective action against fake Covid-19 jabs
-
ECP asks PTI to name those who took bribes
-
NAB has expedited corruption eradication efforts: NAB Chairman
-
NAB opposes acquittal plea of Ahsan Iqbal
-
NA SPEAKER REFERS INCIDENT OF 6TH MARCH, 2021 TO SENIOR PARLIAMENTARIANS COUNCIL FOR PROBE
-
Prem Shivani remembered on death anniversary
-
SECP sensitise people on terms, conditions of insurance policies
-
Sheikh Rashid pays respect to the martyrs of FC North
-
Qaiser, Awan agree to form committee for constitutional, electoral reforms