اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي جي حوالي سان ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. پاڪستان جيمز اينڊ جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني (پي جي جي ڊي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر محمد عالمگير چوڌري ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عالمي جواهرات ۽ زيورن جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي مصنوعات جي بهتر مارڪيٽنگ ۽ تشهير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي جواهرات ۽ زيورن جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ جيمز ۽ جيولري جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو، جيمز اينڊ جيولري ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ غيرملڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ، مقامي آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا کولڻ ۾ مدد ملندي. آصف علي زرداري جواهرات ۽ جيولري جي شعبي ۾ تنوع آڻڻ ۽ صنعتن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته مقامي افرادي قوت جي تربيت ۽ هنرمندي ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته مليڪ جواهرات ۽ جيولري جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، قابل قدر مصنوعات جي برآمدات سان پاڪستان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. پي جي جي ڊي سي جي سي اي او اجلاس کي جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف چئلينجز ۽ موقعن کي اجاگر ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Gilgit-Baltistan assembly seeks “interim province” status from Pakistan
-
NAB decides to include Maryam in Capt (r) Safdar assets case
-
Bilawal wins PDM’s support for Gilani
-
Prime Minister to launch “No One Sleeps Hungry Program” today, Faisal Javed
-
Vawda de-notified as federal minister
-
Gemstones merchants protest wreckless excavation
-
Citizen centric policing to ensure free registration, prevention of crimes: IG Punjab
-
Buzdar seeks Italian investment in SEZs
-
Three bodies found near railway tracks in Lodhran