اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان معاشي ترقي ۽ استحڪام طرف گامزن آهي، محدود وسيلن جي باوجود ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ سڌارا وقت جي اهم گهرج آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي هيڊ آفيس جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس اي سي پي جو چيئرمين عاڪف سعيد ۽ ايس اي سي پي جو باني چيئرمين شميم احمد خان به موجود هُئا. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ موقعا موجود آهن، اسان هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، رڳو رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت گڏيل واپار جي پاليسي تي گامزن آهي. ملڪي روانگي واپار جو فروغ حڪومت جي بنيادي ايجنڊا آهي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ خطي ۾ سڀ کان بهتر وڃي رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ٻطرفي ۽ ٻاهرئين ملڪن مان واپار جو فروغ اسان جي ڌيان جو محور آهي. موجوده حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، مايوسي ڦهلائيندڙ ٻُڌي ڇڏين ته پاڪستان ڪڏهن به ڊيفالٽ نه ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم جو سمورو ڌيان معاشي سڌارن ۽ واپار جي فروغ تي آهي. ملڪي روانگي واپار جو فروغ اسان جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي) هيڊ آفيس عمارت جي تعمير مقرر مدي ۾ ڪئي ويندي. ان عمارت جي پلاٽ جي منظوري 2017ع ۾ اسان جي ان وقت جي حڪومت ڏني هئي، عمارت جي تعمير ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان جي 2016ع جي دور ۾ ملڪ جي ٽنهي اسٽاڪ مارڪيٽس کي ضم ڪيو ويو، 2013ع کان 2017ع دوران ان حوالي سان قانون ۾ سڌارا آندا ويا. تقريب ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس اي سي پي جي چيئرمين عاڪف سعيد ۽ ٻين سان گڏ ايس اي سي پي جي هيڊ آفيس بلڊنگ جي پيڙهه جي پٿر جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Military kills 6 TTP commanders among 12 in back-to-back days
-
JICA provides $1.3m to ensure food security in locust-hit areas
-
Malala to collaborate with Apple to produce dramas and documentaries
-
Two MPAs of Punjab contract Covid-19
-
Court adjourns hearing of illegal assets cases against Ahad Cheema till 18th
-
Pakistan committed to Uzbekistan’s access to ports, trans-Afghan railway project: PM
-
Ehsaas considering expansion of education stipends for secondary schools
-
Urological operations closed since three months at CMCH
-
Pakistan can’t progress without full participation of minorities: Ashrafi
-
Promoted doctors denied posting, department accused of corruption
-
SC to hear PM’s plea in foreign funding case on March 18