اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ انوار الحق ڪشمير جي يوم استحصال جي ڏهاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري غيرقانوني قدمن جي سخت مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪندي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جو خاتمو ڪري ڪشميرين جو بدترين استحصال ڪيو. گذريل پنجن سالن کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ قلم 144 لاڳو آهي، 5 سالن ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن جن ۾ معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون شامل آهن. هن چيو ته اڄ پوري قوم پرعزم انداز ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهائي رهي آهي. ڏکڻ ايشيا جو جٽادار امن ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل سان جڙيل آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ کي دنيا آڏو هندستان جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ عالمي تنظيمن سميت عالمي ميڊيا جي داخل ٿيڻ تي پڻ پابندي پيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جو تدارڪ ڪن. گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ اڳ ۾ به ڀرپور سهڪار ڪيو هو. اڳتي به سهڪار جاري رکنداسين. آزاد ڪشمير جي سيڪيورٽي بابت ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
No-confidence motion for country, not power: Shahid Khaqan Abbasi
-
SHC issues notices to prosecutor general on Haleem’s bail pleas
-
Wedding halls are not reopening from March 15: NCOC
-
As US mulls Afghan exit, activist sees long fight for women
-
PML-N MPA arrested, booked over slapping lady constable
-
NAVAL CHIEF MEETS MILITARY LEADERSHIP OF UAE
-
US-based MQM-L female activist ‘plans killings to trigger sectarian rift in Karachi’
-
Police seize four truckloads of counterfeit cigarettes, arrest nine suspects
-
Sugar price crosses Rs 100 per kg mark in various cities
-
Japan courageously faced triple disasters in 2011: Ambassador Imtiaz
-
PDM divided over choice of opposition leader in Senate
-
School building turned into cattle shed