اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ هن عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي قطر سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قطر جي امير پڻ گرمجوشي سان وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا امير قبول ڪندي خاطري ڪرائي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملهائي وئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن گڏيل لاڀائتن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Gilgit-Baltistan assembly seeks “interim province” status from Pakistan
-
NAB decides to include Maryam in Capt (r) Safdar assets case
-
Bilawal wins PDM’s support for Gilani
-
Prime Minister to launch “No One Sleeps Hungry Program” today, Faisal Javed
-
Vawda de-notified as federal minister
-
Gemstones merchants protest wreckless excavation
-
Citizen centric policing to ensure free registration, prevention of crimes: IG Punjab
-
Buzdar seeks Italian investment in SEZs
-
Three bodies found near railway tracks in Lodhran